ٻڍل لاشاري

ٻڍل لاشاري

ٻڍل لاشاري

ٻڍل لاشاري: محمد ٻڍل ولد محمد ڇٽل لاشاري، سال 1949ع ۾ ڳوٺ حاجي شاهه بخش خان لاشاري ضلعي ميرپور خاص ۾ پيدا ٿيو. پنج درجا سنڌيءَ جا پنهنجي ڳوٺ مان 1963ع ڌاري پاس ڪيائين. بچپن کان وٺي شاعري ڪندو رهيو آهي. ڪلاسيڪل طرز تي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ غزل ۽ بيت به لکيا اٿس. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ڌرتيءَ تي ليڪا‘ 2009ع ۾ شايع ٿيو. جنهن جو مهاڳ سيد ماڪن شاهه رضوي ۽ تعارف ايوب کوسي لکيو آهي.
ٻڍل لاشاري، سگهڙ، محفلن جو مور ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻو آهي. ڪچهرين ۾ پنهنجا غزل ترنم سان جهونگاري، حاضرين کي لطف بخشيندو آهي. سندس اردو جو هڪ مشهور غزل هن ريت آهي:
اڪ ياد هي ڪه نا مُراد نهين جاتي،
اس بي بنياد ڪي بنياد نهين جاتي
درد سناني چلا تها بڙي آس لي ڪر
سنا هي اس ڪي در په فرياد نهين جاتي
شاهه جي رسالي سان چاهه رکندڙ هي ادب دوست، هن وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ تخليقي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو